پير سخي عثمان شاهه

پير سخي عثمان شاهه: پير سخي عثمان شاهه اسد الهاشمي، غوث بهاءُ الدين زڪريا ملتانيرحه المتوفي 661هه/ 1262ع جي خاندان مان ٿي گذريو آهي. ٿر، ڏکڻ ۽ لاڙ ۾ غوثيه جماعت جا مريد اول هن بزرگ جي مزار تان حاضري ڀري پوءِ بڪيرا شريف جي درگاهه تي حاضري ڏيئي پوءِ ملتان ويندا هئا. اڳ هن جماعت وارا ڳوٺ کان بڪيرن تائين پيادو سفر ڪندا هئا. پير الله ورايو عرف پير وروءَ کي ٽي فرزند هئا. وڏو فرزند پير حسن شاهه، ٻيو فرزند فقير محمد شاهه هو، جنهن تلهار جي پاسي ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ اتي ئي آرامي آهي. ٽيون فرزند پير محمد شاهه ٿيو، اهو بزرگ ‘پنگريو’ وڃي رهيو ۽ اتي ئي مدفون آهي. وروءَ جي وڏي پٽ حسن شاهه کي ٻه فرزند نالي پير جعفر شاهه ۽ پير سخي عثمان شاهه اسدالهاشمي ٿيا، پير جعفر شاهه کي پير غلام حيدر شاهه نالي فرزند پيدا ٿيو، جيڪو لاولد وفات ڪري ويو.
پير سخي عثمان شاهه جي ولادت غالباً ٽالپر گهراڻي جي اوائلي دور ۾ 1800ع کان 5-10 سال اڳ يا 5-6 سال پوءِ ٿي هوندي، هن جي ولادت ڳوٺ ‘پير سخي’ ۾ جيڪو نئون دنبالو کان 5-4 ڪلوميٽر اتر طرف واقع ۽ موجوده درگاهه کان 10-9 ڪلوميٽر اوڀر طرف آهي.
پير صاحب ننڍپڻ کان ئي خوف خدا ۽ عشق حبيب رکندو هو ۽ هميشه وڏن جو ادب ۽ عزت و احترام ڪندو هو. ننڍن تي شفقت ۽ محبت جو هٿ رکندو هو. هميشه خدا جي عبادت ڪرڻ جو حڪم ڏيندو هو. رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي بي حد محبت ۽ اطاعت ڪرڻ جي تلقين ڏيندو هو. کيس ‘سخيءَ’ جو لقب سندس والد ڏنو، جنهن کي هڪ دفعي خواب ۾ اشارو ٿيو ته، توهان پنهنجي فرزند سخي عثمان شاهه کي چئو ته خدا جي راهه ۾ سخاوت عام ڪري. مسلسل ٽي ڏينهن ائين اشارو ملندو رهيو، جنهن کان پوءِ هن پنهنجي پٽ کي چيو ته اي منهنجا پيارا پٽ! اڄ پوءِ ڪاني به تنهنجي ۽ ماني به تنهنجي، ان ڏينهن کان پوءِ سندن سخاوت جو سلسلو عام ٿيو. پير سخيءَ جي نالي سان جيڪو اڄڪلهه ڳوٺ مشهور آهي. ان ڳوٺ جو اصل نالو ٺڪرن (راجپوتن) جو ڳوٺ هو. هڪ روايت آهي ته، هڪ ڀيري جڏهن پير سخي عثمان شاهه تبليغ جي سلسلي ۾ ان ڳوٺ وٽان گذريا ته پاڻ انهن ٺڪرن تي اهڙي نگاهه ڪيائون، جو انهن غير مسلمن جي دلين ۾ پاڻمرادو اسلام قبول ڪرڻ جو خيال آيو ۽ اهي مسلمان ٿيا. انهن جي ٺڪر ذات کي هٽائي ‘ويسر’ ذات جو نالو رکيائون. پير سخي جون ڪافي ڪرامتون هڪ ننڍي ڪتاب ۾ درج آهن. پير سخي عثمان شاهه جي وفات بابت چٽو احوال ناهي ملي سگهيو، البته سندن ڀاءُ پير جعفر شاهه المتوفي 1900ع کان اڳ وفات ڪري چڪو هو، جنهن پير سخي جو مقبرو ٺهرايو، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته پير سخي عثمان 1890ع کان 1900ع ڌاري وفات ڪئي.


لفظ پير سخي عثمان شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو